نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اوڊيشه جي فوجي ڪئمپ ۾ هڪ اهلڪار ڇت جي پکي سان ٽڪگجي آپگهات ڪري ڇڏيو.
رپورٽن موجب آپگهات ڪندڙ سينٽرل ريزرو پوليس فورس جي بٽالين 64 ۾ مقرر هو، جيڪا نيڪسل باغين خلاف ڪارروائي ڪندي آهي.
آپگهات ڪندڙ اهلڪار جي سڃاڻپ ارجن چرن نائيڪ جي نالي سان ٿي، جڏهن ته سندس ڪمري مان آپگهات جو نوٽ نه مليو.
پوسٽ مارٽم ۾ موت جو ڪارڻ ساهه سمجهڻ سامهون آيو آهي، جڏهن ته آپگهات جو ڪارڻ خبر ناهي پئجي سگهيو.
هوڏانهن پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته ڀارت ۾ ذهني دٻاءَ سبب فوجين جا آپگهات جا واقعا عام آهن.
Previous Articleاسان اعلانن بدران ڪارڪردگي تي يقين رکون ٿا: وڏو وزير
Next Article ڪلڪتي کانپوءِ بينگلورو ۾ ناريءَ سان لڄالٽ جو واقعو