ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ناليوارو ڀارتي صنعتڪار ۽ ڪاروباري شخصيت رتن ٽاٽا 86 ورهين جي ڄمار ۾لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، رتن ٽاٽا ممبئي جي هڪ اسپتال ۾ انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل هو، کيس سومر جي ڏينهن اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو.
رتن ٽاٽا جي لاڏاڻي تي ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته رتن ٽاٽا ڪاروباري شخصيت ۽ هڪ غيرمعمولي انسان هو، هن ڀارت جي سڀ کان پراڻي ۽ مشهور ڪاروباري ادارن مان هڪ کي مستحڪم قيادت فراهم ڪئي.
رتن ٽاٽا ڀارت جي صنعتي شعبي ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت هو، هو 1991ع ۾ ٽاٽا گروپ جو چيئرمين بڻيو ۽ 2012 تائين ان عهدي تي رهيو.
ان دوران هن ٽاٽا گروپ کي وڌائيندي ٻين شعبن ۾ به ڪاروبار شروع ڪيو، سندس قيادت ۾ ٽاٽا موٽرز هڪ اهڙي گاڏي به متعارف ڪرائي جنهن کي دنيا جي سستي ترين گاڏي قرار ڏنو ويو.
2012 ۾ ٽاٽا گروپ جي چيئرمين شپ ڇڏڻ کانپوءِ کيس ٽاٽا سنز، ٽاٽا انڊسٽريز، ٽاٽا موٽرز، ٽاٽا اسٽيل ۽ ٽاٽا ڪيميڪلز جو چيئرمين ايميريٽس بڻايو ويو هو.