پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وزارت ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته وزيراعظم کي برساتي ٻوڏ متاثرن بابت واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي، ڊجيٽل آدمشماري تي به تمام گهڻا خدشا آهن، اين ايف سي ايوارڊ تحت حق نه پيو ڏنو وڃي، وفاقي سرڪار واعدا پورا نه ڪيا ته وزارت رکڻ مشڪل ٿي ويندي، عمران خان ڪڏهن زمان پارڪ تي ڪڏهن وري ڪٿي لڪي رهيو آهي، ميڊيا کي سياسي ڪوئي بدران مهانگائي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي آبادگارن جي مدد ڪئي پئي وڃي، پاڪستان کي زراعت جي شعبي ۾ پاڻ ڀرو ڪرڻ سندن پهرين ترجيح آهي، زراعت تي ڌيان نه ڏنو ويو ته ملڪ زرعي ملڪ ڪيئن رهي سگهندو؟