ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شارجا کان ڍاڪا ويندڙ اڏام مسافر جي لاڏاڻي سبب ڪراچي ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪئي.
پرڏيهي ايئر لائن جي اڏام ۾ اوچتو مسافرجي طبعيت خراب ٿي، 42 ورهين جي مسافر جي طبعيت بگڙن تي ايمرجنسي لينڊنگ جي اجازت گهري وئي.
ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر ڪراچي جي اجازت سان جهاز هنگامي لينڊنگ ڪئي، سول ايوي ايشن جي ميڊيڪل ٽيم معائنو ڪيو ته مسافر جو لاڏاڻو ٿي چڪو هو.
پرڏيهي ايئر لائن جي اڏام شارجا کان ڍاڪا وڃي رهي هئي، سي اي اي ترجمان ٻڌايو ته ضابطي جي ڪارروائي کانپوءِ مڙهه ايئر لائن حوالي ڪيو ويو.
ترجمان موجب پرڏيهي ايئرلائن جي اڏام پوڻا 2 ڪلاڪ ڪراچي ايئرپورٽ تي موجود رهي ۽ جهاز صبح سوا 6 وڳي مڙهه کڻي ڪراچي کان ڍاڪا لاءِ روانو ٿيو.
پرڏيهي جهاز جي ڪراچي ۾ هنگامي لينڊنگ، افسوسناڪ خبر سامهون اچي وئي
Previous Articleسون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ