پريالوءِ (ويب ڊيسڪ) پريالي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.
پريالوءِ سکر اڪيڊمي ۾ پڙهڻ لاءِ ويل نوجوان عديل شاھه پٽ سيد جيئل شاهه کي ھٿياربند سکر جي مصروف ترين دعا چوڪ تي موٽر سائيڪل تان لاهي گوليون هڻي فرار ٿي ويا، فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان ٿڏي تي مارجي ويو.
مقتول نوجوان جو لاش اسپتال پهچايو ويو، جڏهن ته اطلاع تي سندس وارث به اسپتال پهچي ويا.
آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، جڏهن ته نوجوان جي مارجڻ جو سبب پراڻي دشمني ٻڌايو پيو وڃي.
Previous Articleناڻي واري وزارت توانائي جي قيمتن ۾ واڌ سبب مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو
Next Article ڊالر جي اگهه ۾ اڄ به وڏي لاٿ