ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت طرفان انڊس ريور سسٽم اٿارٽي ( ارسا ) ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم جي مخالفت ڪندي ان کي رد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو .
وفاقي حڪومت سنڌو درياءَ جي پاڻي ورڇ جي نگران وفاقي اداري ارسا جا واٽر ڪارڊ ختم ڪري اختيار پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿي.
سنڌ حڪومت جي ذريعن موجب، ارسا ايڪٽ ۾ ڪنهن به قسم جي ڦيرڦار جي مخالفت ڪئي ويندي.
پ پ سنڌ جي صدر نثا کهڙي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن تي سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ جي سمورن ميمبرن ارسا ايڪٽ ۾ هر قسم جي ترميم جي مخالفت ڪئي.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ارسا معاهدي تي چئني صوبائي وڏن وزيرن جون صحيحون ٿيل آهن، پاڻي جي ورڇ واري معاهدي ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سنڌ جي عوام کي قبول ناهي، پاڻي تي جنگ ڇڙي ويندي آهي، پاڻي جياپو آهي.
پ پ جي صوبائي صدر نثار کهڙي چيو ته ٻڌو آهي ته ترميم کانپوءِ صوبن جي نمائندگي ختم ڪري هڪ چيئرمين مقرر ڪيو ويندو.
پارلياماني مامرن واري وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته پاڻي سنڌ جي لائيف لائين آهي، پاڻيءَ کان وڌيڪ ڪو به اهم مسئلو نه آهي.
ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي پارلياماني ليڊر سينيٽر شيري رحمان به ارسا ايڪٽ ۾ ڄاڻايل تبديلين بابت سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته پاڻي وسيلن واري وزير ارسا ايڪٽ 1992 ۾ ڄاڻايل تبديلين ببات اطلاعن جي وضاحت ڏئي، اهڙي قسم جون تبديليون معاهدي جي روح کي ڪمزور ڪري سگهن ٿيون ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي به خلاف آهن، ڄاڻايل ترميمن سبب سنڌ ۾ بي چيني پيدا ٿي وئي آهي.
واضح رهي ته سنڌ جي قومپرست پارٽين به ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، قومپرستن فيصلي کي سنڌ کي پنهنجي حصي جي پاڻي کان محروم ۽ درياءَ تي ڊيم ۽ تڪراري ڪينال اڏڻ جي ڪوشش جو حصو قرار ڏنو آهي.
”پاڻيءَ تي جنگ ڇڙي ويندي، پاڻي جياپو آهي“ سنڌ حڪومت پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي مخالفت
Next Article سنڌ کي معاهدي موجب پاڻي ڏنو وڃي: يوسف ٽالپر