پاليڪيلي (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ پهچندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي.
پاليڪيلي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ڪئي وئي، جنهن سبب ٻنهي ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ڏني وئي.
پاڪستان جون گروپ اي ۾ کيڏيل ٻنهي ميچن کانپوءِ مجموعي پوائنٽون 3 ٿي ويون آهن، گرين شرٽس پهرين ميچ ۾ نيپال کي شڪست ڏئي ٻه پوائنٽون حاصل ڪيون هيون.
3 پوائنٽن سان پاڪستان سپر فور مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته گروپ اي جي آخري ميچ ڀارت ۽ نيپال ۾ کيڏي ويندي ۽ فاتح ٽيم ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪندي.
هوڏانهن گروپ بي جي واحد ميچ سريلنڪا ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٿي آهي، جنهن ۾ سريلنڪن ٽيم ڪاميابي ماڻي ٻه پوائنٽون حاصل ڪيون هيون.
گروپ بي جي ٻي ميچ سڀاڻي افغانستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته آخري ميچ ۾ افغانستان ۽ سريلنڪا جون ٽيمون 5 سيپٽمبر تي آمهون سامهون ٿينديون.
Previous Articleايشيا ڪپ: پاڪ – ڀارت ميچ برسات سبب ختم ڪئي وئي