ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي فضائي حدن مان اوور فلائنگ ڪندڙ اڏامن ۾ واڌ ٿي وئي.
سول ايوي ايشن ذريعن جو چوڻ آهي ته روز اوور فلائنگ ڪندڙ اڏامن جو انگ 750 کان وڌي ويو آهي، اوور فلائنگ ڪندڙ اڏامن ۾ واڌ ايران جون فضائي حدون بند ٿيڻ سبب ٿيو.
عام ڏينهن ۾ اوور فلائنگ ڪندڙ اڏامن جو روز جي بنياد تي انگ 700 هوندو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه وڌيڪ ايئر لائنز به پاڪستاني حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت طلب ڪئي آهي.
اوور فلائنگ ڪندڙ اڏامن جي انگ ۾ واڌ سان آمدني ۾ به واڌ ٿي، اوور فلائنگ ڪندڙ اڏامون سي اي اي کي ڊالرن ۾ ادائيگي ڪنديون آهن.
Previous Articleرپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر سستو ٿي ويو