رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي اسڪولن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون جيڪڏهن بغير ٻڌائڻ جي گھڻن ڏينهن تائين غير حاضر رهيا ته سندن والدين کي جيل جي هوا کائڻي پوندي.
سعودي جي اخبار ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ موجب ملڪ ۾ جيڪڏهن ٻار اسڪول مان سواءِ ڪنهن ٺوس سبب جي 20 ڏينهن تائين غير حاضر رهيو ته ان جي سزا سندس والدين کي ملندي.
رپورٽ موجب والدين جي غير موجودگي بابت لاپرواهي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ ڪو ٺوس جواب نه ڏيڻ تي اسڪول انتظاميا تعليمي بورڊ کي شڪايت ڪرڻ جي اهل هوندي جنهن بعد والدين کي ملڪ جي چائلڊ پروٽيڪشن قانون تحت پبلڪ راسيڪيوشن ذريعي انڪوائري کي منهن ڏيڻو پوندو.
ميڊيا رپورٽس موجب پراسيڪيوٽر جاچ مڪمل ڪرڻ بعد ڪيس کي عدالت ۾ پيش ڪندو جتي جج کي اهو اختيار حاصل اهي ته هو والدين جي خلاف مناسب مدي جي جيل جي سزا جاري ڪري.
رپورٽ ۾ چيو ويو ايه ته اهي قدم نئين تعليمي سان ۾ مثالي مطالعي کي يقيني بڻائڻ جي ڪوششن جو حصو آهن.
ڄاڻايل رپورٽ سامهون اچڻ بعد تعليمي اختيارين طرفان فوري طور تي ڪو به تبصرو ناهي ڪيو ويو.