برازيليا (ويب ڊيسڪ) برازيل جي سپريم ڪورٽ سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي لاڳو پابندي ختم ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب برازيل جي اعليٰ عدالت جي جج اليگزينڊر موريس ايڪس تي پابندي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته مان ايڪس جي سرگرمين جي بحالي جي اجازت ڏيان ٿو.
رپورٽ موجب ايڪس تان پابندي هٽائڻ جو حڪم سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي ايڪس طرفان لکين ڊالر ڏنڊ ادا ڪرڻ کانپوءِ ڏنو ويو.
واضح رهي ته برازيلين عدالت ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ کان فيڪ نيوز پکيڙيندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو هو پر ايلون مسڪ برازيل ۾ ان مقصد لاءِ آفيس کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
پوءِ برازيل جي سپريم ڪورٽ جي جج اليگزينڊر موريس نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن ايجنسي کي حڪم جاري ڪيو هو ته ملڪ ۾ فوري طور ايڪس جون سروسز بند ڪيون وڃن.
Previous Articleڪجهه ڌريون سنڌ جي صوفي سڃاڻپ کي داغدار بڻائڻ چاهين ٿيون: سانا