ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه ڪراچي ڌرڻي ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته لاڙڪاڻو، سکر ڊويزن اغوا جون انڊسٽريون بڻيل آهن، وڏيرا، بيوروڪريسي، پوليس ۽ ڌاڙيلن جو گڏيل گروپ آهي.
هن چيو ته ماڻهو نيشنل ۽ انڊس هاءِ وي تي هلي نٿا سگهن، اسان جا چونڊيل نمائندا ڌاڙيلن جا حمايتي آهن جن کي پوليس ۽ ڌاڙيل کٽرائيندا آهن.
هن چيو ته هڪ سال کان وڌيڪ وقت ٿي ويو آهي پر پريا ڪماري گم آهي، نازيا کوسو به گم آهي. گرينڊ آپريشن ۾ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز رنڊڪ بڻيل آهن.
هن چيو ته سردارن ۽ ڀوتارن جي مرضي کانسواءِ ڪير ڪاروبار به نٿو ڪري سگهي.