ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت هلندڙ سال ڊسمبر ۾ گرين لائن بس سروس سنڌ سرڪار حوالي ڪندي، سنڌ حڪومت گرين لائن بس سروس جي آپريشنز سنڀالڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.
سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ گرين لائن بس سروس جي منصوبي بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي گرين لائن منصوبي بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي.
اجلاس ۾ گرين لائن منصوبي کي اورنج لائن سان ڳنڍڻ واري منصوبي بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.
آپريشنز، يوٽيليٽي سروسز ۽ گرين لائن بس جي سبسڊيز بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سنڌ جي سينيئر وزير گرين لائن کي اورنج لائن سان جوڙڻ جي منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته گرين لائن منصوبو ڪراچي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم جو اهم حصو آهي، هو چاهن ٿا منصوبو ڊسمبر کان اڳ ئي مڪمل ٿي وڃي.
هن چيو ته وفاقي حڪومت گرين لائن آپريشنز تي 2 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت نظرثاني ڪندي، گرين لائن منصوبي جي سنڌ کي منتقلي بعد هن ۾ وڌيڪ بسون شامل ڪندا.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار جي پبلڪ ٽرانسپورٽ منصوبن تي عوام سک جو ساهه کنيو آهي، پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪراچي جو پراڻو مسئلو رهيو آهي، هو چاهن ٿا ته ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آندي وڃي.
وفاق جو گرين لائن بس سروس منصوبو سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو
Previous Articleملڪي معيشيت بهتري طرف وڃي رهي آهي: وڏو وزير