اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ واپڊا ملازمن جي مفت بجلي جي سهولت ختم ڪرڻ بابت غور ڪيو ويو پر نگران ڪابينا ڪو فيصلو نه ڪري سگهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بجلي بلن ۾ ڇرڪائيندڙ واڌ ۽ عوامي احتجاج بابت معاملن تي غور ڪيو ويو.
نگران وزيراعظم سميت ٻين کي بجلي بلن جي تياري، ورڇ سميت اهم معاملن کان آگاهه ڪيو ويو.
نگران ڪابينا ان اهم نڪتي تي به غور ڪيوته واپڊا ڊسڪوز، جنڪوز ۽ اين ٽي ڊي سي ملازمن کي بجلي جي سهولت ختم ڪري ڇڏي پر لاڳاپيل وزارت ۽ آفيسرن طرفان مختلف رايا ڏنا ويا جنهن سبب تجويز تي ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو.