اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا چيئرمين واهپيدارن لاءِ مهانگي بجلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها ڪهڙي سائنس آهي ته سستي بجلي هجڻ باوجود مهانگي کنئي وڃي.
سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي طرفان جولاءِ جي فيول پرائس ايدجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ ٻه رپيا 7 پئسا واڌ تي ٻڌڻي نيپرا چيئرمين وسيم مختار جي سربراهي ۾ ٿي.
سي پي پي اي اختيارين ٻڌايو ته ڊسڪوز جي ڊيٽا ۾ ڪجهه ايڊجسٽمينٽ ڪئي وئي آهي، ايڊجسٽمينٽ کانپوءِ واڌ جي درخواست هڪ رپيو 58 پئسا ٺهي ٿي.
نيپرا چيئرمين چيو ته بجلي پهچ بابت مسئلا حل ڪيا وڃن، ان ۾ واهپيدار جو ڪهڙو ڏوهه آهي، اها ڪهڙي سائنس آهي ته سستي بجلي هجڻ باوجود مهانگي کنئي وڃي، اسان واهپيدار تي ائين فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ نه وجهنداسين.
هن چيو ته اسان مڪمل جاچ کانپوءِ فيصلو جاري ڪنداسين، واهپيدار تي اهو ئي بار منتقل ڪنداسين، جيڪو ٺهندو.