راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ڊجيٽل دهشتگردي ۽ ففٿ جنريشن وار روايتي دهشتگردي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خطرناڪ آهي پر جيستائين اسان متحد رهنداسين، دنيا جي ڪا طاقت پاڪستان کي نقصان نٿي پهچائي سگهي.
يوم دفاع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آرمي چيف چيو ته شهيد اسان لاءِ مقدم آهن، پاڪ فوج دهشتگردي کي بهادري سان قابو ڪيو آهي، فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪوشش سان اڄ پاڪستان محفوظ آهي.
هن چيو ته ڊجيٽل دهشتگردي ۽ ففٿ جنريشن جنگ نون چئلينجن طور سامهون اچي رهيا آهن، روايتي دهشتگردي جي ڀيٽ ۾ اهي خطرناڪ آهن، وطن جي سلامتي ۽ خوشحالي جي عزم سان عهد ڪيو ته اسان متحد رهنداسين، جيستائين متحد رهنداسين دنيا جي ڪا طاقت نقصان نٿي پهچائي سگهي.
Previous Articleسون جي اگهه ۾ وڏي واڌ