حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته بلاول ڀٽو چاهي ٿو ته آئيني ترميمن جي معاملي تي ڪا جماعت ناراض نه ٿئي.
حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو جي سوچ آهي ته سڀني کي گڏائي فيصلا ڪيون، اسان ته چئون ٿا پي ٽي آءِ به ترميمن ۾ حصو وٺي، هي ملڪ هڪ گلدستو آهي، 18هين ترميم زرداري صاحب جو عظيم ڪارنامو آهي.
هن چيو ته پ پ چئي چڪي آهي ته اسان جي پسند ناپسند جي ڳالهه ناهي، پي ٽي آءِ باني جيل مان بيان ڏنو، هو جڊيشري کي تڪراري نه بڻائي، قائد عوام جو عدالتي قتل ڪيو ويو، محترمه جون حڪومتون ڪيرايون پر پ پ کي انصاف نه مليو.
سندس چوڻ هو ته ووٽ جو ۽ نمبرن جو مسئلو ناهي، اسان چاهيون ٿا ته ان معاملي تي اتفاق ٿئي.
نمبرن جو مسئلو ناهي پر آئيني ترميمن تي اتفاق چاهيون ٿا: شرجيل ميمڻ
Previous Articleملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ 6 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ جي واڌ