ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لياقت آباد چراغ هوٽل ويجهو پراسرار طورتي فوت ٿيل عورت کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
گهرڀاتين الزام لڳايو آهي ته 25 سالن جي رابعا کي مڙس بدترين تشدد جو نشانو بڻايو هو.
رابعه جي ماءُ چيو ته نياڻو ڌيءَ کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ گهر ڇڏي ويوهو، ڌيءَ جو علاج ڪرايو پر هو بچي نه سگهي.
هن چيو ته قاتلن کي نه ڇڏينداسين، قانوني ڪارروائي ڪنداسين.
ٻئي پاسي پوليس هيل تائين رپورٽ درج ناهي ڪئي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪورنگي ۾ پيش آيو، پوءِ ناري گهر وئي هئي.