اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مُلڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جا مختلف ڪارڻ سامهون اچي ويا .
دستاويزن موجب، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرز جا مارجن به تيل اگهن ۾ واڌ جو سبب آهن جڏهن ته رُپئي جي بي قدري ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ واڌ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو هڪ ڪارڻ آهي.
عالمي منڊي ۾ ڪروڊ آئل جي قميت 88.55 ڊالر في بيرل مان وڌي 93.93 ڊالر تائين پهچي چڪي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه وڌڻ سبب في ليٽر قيمت 228.59 مان وڌي 252.13 رُپين تائين پهتي جڏهن ته پيٽروليم شين تي او ايم سي مارجن ۾ 47 پئسا ۽ ڊيلرز ڪميشن ۾ 41 پئسن جو اضافو ٿيو.
دستاويزن موجب، پيٽرول تي ايم او سي مارجن ڇهه رُپيا 47 پئسا في ليٽر ۽ ڊيلرز ڪميشن ست رُپيا 41 پئسن تائين ٿي ويو آهي.
ناڻي واري وزارت جوچوڻ آهي ته تيل اگهن تي او ايم سي مارجن ۽ ڊيلرز ڪميشن کي وڌيڪ وڌايو ويندو.
دستاويزن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي خريداري تي فريٽ ريٽ ۾ هڪ رُپيو سٺ پئسن جو اضافو ٿيو ۽ پيٽرول تي في فريٽ ريٽ به 3.77 رُپين مان وڌي 5.37 رُپين تائين پهچي ويو آهي.