حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ جي امتحان جو پيپر وقت کان اڳ آئوٽ ٿيڻ خلاف مختلف شهرن ۾ اميدوارن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. گڏ ڪيل انگ اکرن موجب، ميرپورخاص ۾ اُميدوارن عدنان، گيانچند، اميت ڪمار، عبدالرحيم، ساجد لغاري ۽ ٻين اسٽيشن چوڪ کان ميرپورخاص پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.ٻئي طرف دادو ۾ عاقب جمالي، فهد ٻٻر، محمد ثاقب، علي ڪورائي، حسين جمالي ۽ دادو جي باشعور نوجوانن وڏي انگ ۾ پريس ڪلب جي مک دروازي اڳيان ڪچهري روڊ تي بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هوڏانهن خيرپور ناٿن شاهه ۾ شاگردن مجاهد کوسو، اسدالله چانڊيو، سمير گاڏهي، مهراڻ پنهور، ايس ٽي پي ضلع اڳواڻ فقير علي حسن جانوري، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ سڄڻ سيتائي، طبقاتي جدوجهد اڳواڻ محمد عيسي’ چانڊيو، ڪامريڊ عزيزجمالي ۽ ٻين پلي ڪارڊ کڻي نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. جڏهن ته خيرپور ۾ سچل لائبريري کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي هدايت الله کوسو، عامر بلوچ، ساجد ٻاچڪاڻي، جاويد ککراڻي، جميل بلوچ، صاحب ڀنگوار ۽ ٻين ڪئي. مختلف هنڌن تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي شاگرد اڳواڻن چيو ته ڊائو يونيورسٽي انتظاميا جي نگراني هيٺ سکر، لاڙڪاڻي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ورتي وئي پر افسوس جو ڪرپٽ مافيا ۽ سنڌ جي غريب شاگرد دشمن پاليسين تحت پيپر وقت کان اڳ سوشل ميڊيا تي ليڪ ڪيو ويو، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته ٽيسٽ سينٽرن تي وقت کان هڪ ڪلاڪ اڳ سينٽر جا مين گيٽ بند ڪيا ويا، پيئسن عيوض پيپر آئوٽ ڪري ڪرپشن ڪئي وئي ۽ غريب شاگردن جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو، مظاهرين چيو ته ان کان اڳ به جناح ۽ ڊائو يونيورسٽي انتظاميا 2022 ۽ 2023 ۾ ٽيسٽ دوران پيپر ليڪ ڪيو ۽ ٻيهر ٽيسٽ ڪنڊيڪٽ ڪئي وئي پر پيپر ليڪ جي روايت رڪجي ناهي سگهي. هنن چيو ته هن ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ کي مڪمل رد ڪريون ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي پيپر ليڪ ۾ ملوث ڪردارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ هڪ ڀيري ٻيهر شفاف نموني ٽيسٽ ڪرائي متاثر شاگردن کي حق ڏنو وڃي.