اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت جي اختيارين چيو آهي ته رپئي جي قدر ۾ واڌ سبب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
اختيارين موجب پهرين آڪٽوبر کان 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جو اگهه گهٽجي سگهي ٿي، ان سان گڏوگڏ گاسليٽ به سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 11 رپيا 98 پئسا، ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 17 پئسا في ليٽر تائين لاٿ ٿي سگهي، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت 5.58 رپيا في ليٽر گهٽجي سگهي ٿي.
ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ جو رجحان جاري رهيو ۽ رپئي جي قدر ۾ بهتري رهي ته عوام کي مڪمل رليف نه ملي سگهندو پر جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه گهٽيو ته عوام کي وڌيڪ رليف ملي سگهي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جو فيصلو حڪومت 30 سيپٽمبر تي ڪندي.
مهانگائيءَ جي ماريل عوام لاءِ سٺي خبر، پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان
Previous Articleحڪومت 29 سيپٽمبر تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو
Next Article خسارو ئي خسارو، ڇا شاليمار ايڪسپريس بند ٿي وئي؟