ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اوچتو سوين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 25 سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 84 هزار ست سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 2 هزار 144 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 44 هزار 84 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ان کانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 25 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه هزار 752 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.