ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته امن امان برقرار رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي.
سنڌ اسيمبلي ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏيندي ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ٻن مهينن ۾ ڪشمور پوليس 5 ڌاڙيل ماريا، 27 گرفتار ڪيا.
هن چيو ته هني ٽريپ وڏو مسئلو آهي، جڏهن ته سستي سودي تي به ماڻهو اتي ويندا آهن، اخبارن ۾ اشتهار ڏنا ته هني ٽريپ کان بچو، ماڻهو سوچين ته 20 لکن واري شئي 5 لکن ۾ ڪيئن ٿي ملي سگهي؟ ماڻهو رشتن جي چڪر ۾ به ڪچي جي علائقي ۾ هليا ويندا آهن.