ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون ڇهه سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 71 هزار 9 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 471 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 33 هزار 110 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 15 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2 هزار 6 سئو 17 ڊالرز ٿي وئي آهي.
Previous Articleنوشهرو فيروز: ٽرين تان ڪِري هڪ ئي خاندان جا 3 ڀاتي فوت