ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان چيو آهي ته 11 آڪٽوبر تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ ملڪي ناڻي مٽاٽا جي ذخيرن ۾ 6.43 ڪروڙ ڊالرن جي واڌ ٿي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب واڌ کانپوءِ 11 آڪٽوبر تائين ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 16.11 ارب ڊالر رهيا.
جاري ڪيل انگن اکرن موجب اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 21.47 ڪروڙ ڊالر وڌي 11.02 ارب ڊالر رهيا، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 15.04 ڪروڙ ڊالر گهٽجي 5.08 ارب ڊالر رهيا.
Previous Articleموسميات کاتي ڪراچيءَ جي موسم بابت اَپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي