ملير() علم انسان کي شعور جون منزلون عبور ڪندي ڪاميابي ۽ ڪامراني طرف وڌي دنيا آڏو پاڻ کي مڃايو آهي، تعليم ذريعي اڄ انسان چنڊ تي آباد ٿي رهيو آهي، نوجوان نسل دنيا سان گڏ مقابلي ۾ بيٺو آهي جنهن جو ڪارڻ علم ئي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار تعليمي ماهر ۽ پاڪستان اسٽيل تعليم شعبي جي سربراهه ۽ پرنسپل پاڪستان اسٽيل ڪيڊٽ ڪاليج ڊاڪٽر پروفيسر عبدالرحمان جسڪاڻي مادر ملت گرلز ڊگري ڪاليج اسٽيل ٽائون جي شاگردياڻين، استادن ۽ خدمت گارن ۾ تعليمي مڃتا ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته تعليم اهو زيور آهي جيڪو اونداهين کي روشنين ۾ تبديل ڪري ٿو شعور ڏي ٿو ۽ دنيا ۾ ڪاميابين جو واحد ذريعو آهي، هن چيو ته هي اهڙي مشعل آهي جيڪا شعور جي بيداري ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي، هن چيو ته اسان جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم جي ميدان ۾ پنهنجو الڳ نالو ڪمايو آهي ۽ اڄ اسان کي پنهنجي تعليمي ادارن تي انهن استادن تي فخر آهي جن ملڪ جي تعميري ترقي ۾ شاگردن ۾ ٽيلنٽ پيدا ڪيو آهي جن دنيا ۾ مقابلي واري حيثيت ماڻي آهي، تقريب کي پاڪستان اسٽيل ايڊمنسٽريشن جي ڊائريڪٽر رياض منگي چيو ته نياڻيون پڙهايون ته ڄڻ خاندان پڙهايو، مادر ملت جي ٽيچنگ اسٽاف پنهنجي محنت سان هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي اسان جي نياڻي لائبه ڪراچي بورڊ ۾ ٽي پوزيشن ماڻي آهي جنهن تي اسان ناز ڪيون ٿا، هن چيو ته انتظاميا تعليمي شعبي ۾ شاگردن ۽ استادن لاءِ نرم گوشو رکي ٿي ۽ انهن جي سهولت ۾ ٻانهن ٻيلي آهي، پاڪستان اسٽيل جي اڳوڻي تعليمي ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ميڊم حميدهه گهانگرو چيو ته تعليمي مشعل سان پوري ڪائنات شعوري طور تي روشن ٿي چڪي آهي اسان کي پنهنجي نوجوانن ۽ نياڻين تي وڏو ناز آهي، ته هو پنهنجي قابليت ۽ ٽيلنٽ ذريعي دنيا تي حاوي آهن ۽ هو پنهنجي وطن ۽ قوم جو نالو اوچو ڪيو آهي، ڪاليج جي پرنسپل ۽ سينئير تعليمدان ميڊم رابعا بصري چيو ته شاگرد اسان جو قيمتي اثاثو آهن جنهن جي بدولت اڄ پاڪستان پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو اسان کي گهرجي ته پنهنجي شاگردن جي حوصله افزائي لاءِ پاڻ پتوڙيو، تقريب ۾ ڪامياب شاگردياڻين، استادن ۽ اسٽاف ۾ مڃتا ايوارڊ پڻ ڏنا ويا، تقريب کي شهزاد ميمڻ، ميڊم لبنا فريحين، ميڊم شهناز جوکيو، نگهت بخاري، وجيهه سلطانا، شهزانا کوسو ۽ ٻين خطاب ڪيو