ملير, سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد اويس ڪلهوڙو جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف عوامي جهموري پارٽي جي اڳواڻن ايڊوڪيٽ اياز چانڊيو, رشيد سڌايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو, قاتلن جي گرفتاري لاء نعريبازي ڪي ويئي, مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته قبائلي دهشتگردي ۾ نوجوان اويس ڪلهوڙو کي معمولي ڳالھ تان قتل ڪيو ويو آھي, پوليس بااٽر وڏيرن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آھي, هڪ هفتو گذرڻ ڀاوجود هن وقت تائين پوليس بااٽر جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آھي , هنن آء جي سنڌ پوليس, ڊي اء جي ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري نوجوان جي وارٽن کي انصاف ڏياريو وڃي