ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حادثي جو سبب بڻجندڙ لينڊ ڪروزر گاڏي مقبول صنعتڪار دانش اقبال جي زال نتاشا اقبال هلائي رهي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس طرفان جوابدار عورت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ عورت کي ذهني مريض ڄاڻايو پيو وڃي.
ڪراچي ۾ ڪار ساز روڊ ويجهو تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ پيءُ ۽ ڌيءُ جي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت پوليس شروعاتي جاچ مڪمل ڪري ورتي.
پوليس جو چوڻ آهي ته عورت ڪي ڊي اي اسڪيم ون ۾ واقع بنگلي مان گاڏي ۾ نڪتي هئي، شڪ آهي ته عورت وائڙي ٿي وئي ۽ بريڪ بدران ايڪسلريٽر تي پير رکيائين جنهن سبب نقصان ٿيو.
عورت جي گاڏي ڪلٽيون کاڌيون ۽ چارئي ايئر بيگس کلي ويا، حادثي کانپوءِ موقعي تي موجود ماڻهن باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، عورت جي مڙس کان به ڄاڻ ورتي پئي وڃي.
هن وقت تائين گرفتار عورت ڊرائيور جو بيان قلمبند ناهي ٿي سگهيو، عورت اسپتال ۾ آهي.
پوليس موجب عورت جو مڪمل هوش حواس ۾ ناهي. ٻئي پاسي واقعي جو ڪيس بهادر آباد ٿاڻي تي فوتي عارف جي ڀاءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو.