پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هي اها ئي ڪمٽمينٽ آهي جيڪا ماضي جون حڪومتون ڪري چڪيون آهن
صحافي شاهدخاقان عباسي کان سوال ڪيو ته اسحاق ڊار آءِ ايم ايف سان ڪيئن ڊيلنگ ڪئي، جنهن تي شاهدخاقان عباسي جواب ڏيندي چيو ته اسحاق ڊار ائين ڊيلنگ ڪئي آهي جيئن اوهان جي صحافت آهي
ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجا معاهدا عوام آڏو نه رکندي هئي ۽ نه وري پورا ڪندي هئي، موجوده حڪومت پي ٽي آءِ جي آءِ ايم ايف سان ٽوڙيل معاهدن جي قيمت ادا ڪري رهي آهي هن چيو ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جي تاريخ ٻڌائيندو، آئين 90 واضع آهي ته 90 ڏينهن اندر چونڊون ٿيڻ گهرجي