لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي قلعه ستار اسٽيشن جي وجهو مسافر ٽرين پٽڙي تي بيٺل مالي گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، حادثي کان جي شروعات رپورٽ اختيارين کي پيش ڪئي وئي آهي.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ هو ته حادثي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا آهن، جن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ريلوي ترجمان جو چوڻ هو ته ميانوالي ايڪسپريس حادثي ۾ ٽرين ڊرائيور عمران سرور، اسسٽنٽ ڊرائيور محمد بلال کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ حادثي جي شروعاتي رپورٽ ريلوي اختيارين کي پيش ڪئي وئي آهي.
ترجمان چيو ته ريلوي لائين صبح جو ساڍي 7 وڳي ڪلئير ڪرائي وئي هئي، ميانوالي ايڪسپريس پنهنجي روٽ تي هلي رهي آهي، جڏهن ته متاثر بوگين کي هٽائڻ جو ڪم جاري آهي.
ترجمان چيو ته مال گاڏي جي متاثر بوگين کي ريلوي يارڊ لاهور روانو ڪيو ويندو.
هنن وڌيڪ چيو ته ميانوالي ايڪسپريس قلعه ستار اسٽيشن تي بيٺل مال بردار گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ ٽي ريلوي ملازم معمولي زخمي ٿيا هئا جيڪي ٽرين جي انجڻ ۾ هئا.
Previous Articleڪراچي: هٿياربندن سگريٽ ڦر ڪري ورتا
Next Article سبزي منڊي ۾ چيتي جو حملو، ٻه ڄڻا زخمي