ڀرياسٽي ( رپورٽ شرف الدين ڪيريو) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ دين محمد کرھر واسي ڳوٺاڻو دوست محمد کرھر بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف ميڊيا سينٽر ڀرياسٽي پھچي سخت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته با اثرن شير محمد کرل ـ وزير ـ رانجھڻ ـ عبدالجبار ـ نيڪ محمد ـ سبحان ـ ۽ رويز کرل منھنجي زرعي زمين جو غير قانوني طور واٽر ڪورس بند ڪري ڇڏيو آھي جنھن سبب منھنجو فصل سڪي رھيو آھي ھن ٻڌايو ته ڄاڻايل واٽر ڪورس جو فيصلو علائقي جي نيڪ مردن توڙي ايريگيشن کاتي جي ڪامورن سامھون ٿيل آھي جنھن جي لکت پڻ مون وٽ موجود آھي ان باوجود به با اثرن غير قانوني طور واٽر ڪورس بند ڪري ڇڏيو آھي ھن ٻڌايو ته با اثر منھنجي زمين تان بي دخل ڪري مون کي مارڻ چاھين ٿا خدشو آھي ته مون کي ماريو ويندو