ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ تازين برساتن سان ٿيندڙ تقصانن تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ تازين برساتن سان ٿيندڙ نقصانن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي خاطري ڪرائي ته متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، وڏي وزير کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي.
هن چيو ته وڏو وزير سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور ۽ ٻين شهرن ۾ برسات سان ٿيندڙ نقصانن ۽ امدادي سرگرمين تي رپورٽ ڏئي ۽ پاڻي جي فوري طور نيڪالي يقيني بڻائي وڃي.
متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: بلاول برساتن سان نقصانن تي رپورٽ گهري ورتي
Next Article سکر ۾ سڀ کان وڌيڪ مينهن