طرابلس (ويب ڊيسڪ) اوڀر ليبيا ۾ آيل ٻوڏ کان پوءِ فوتگين جو انگ 11 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 20 هزار ماڻهو اڃا تائين گم آهن.
هلال احمر موجب هر پاسي تباهي مچائيندڙ ٻوڏ کان پوءِ فوتگين جو وڌي 11 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، ان ۾ لاڳيتو واڌ جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي.
رپورٽ موجب ٻوڏ سبب تقريبن ٻه هزار لاش سمنڊ ۾ لڙهي ويا آهن جڏهن ته 20 هزار ماڻهو اڃا تائين گم آهن.
ان کانسواءِ گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري موجب درنه ۾ آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 30 هزار ماڻهو بي گھر ٿيا آهن.
درنا جيميئر عبدالمنعم الغيثي جو چوڻ هو ته امدادي ڪمن دوران لاش ملڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اسان جي اندازي موجب فوتگين جو انگ 18 کان 20 هزار تائين ٿي سگھي ٿو.
واضح رهي ته ليبيا جي شهر درنا ۾ لاڳيتو برساتن سبب ٻه ڊيم ٽٽي ويا ۽ ٻوڏ وهڪرو رهائشي علائقن ۾ داخل ٿي ويو، وهڪرو ايترو طاقتور هو جو رستي ۾ آيل هر رهائشي عمارت کي تباهه ڪري ڇڏيو.
ان ٻوڏ کان محفوظ رهندڙ هڪ شهري طهٰ مفتاح جو چوڻ هو ته ڊيم ٽٽڻ جو آواز ڪنهن هوائي حملي يا فائرنگ جهڙو هو. هن موجب هو شهر جي اوڀر واري حصي ۾ موجود چوٽي تي رهندو آهي ۽ بلندي سبب محفوظ رهيو.
سندس چوڻ هو ته هاڻ درنا ۾ ڊٿل عمارتن جو ملبو ۽ ان ۾ دٻجي ويل انساني لاش ئي بچا آهن. ”پاڻي ته لهي ويو آهي، رڳو ملبو بچيو آهي“.
Previous Articleپاڪستانين لاءِ انعامي اسڪيم جو اعلان
Next Article برج خليفا ۾ نوڪري جي خواهشمندن لاءِ خوشخبري