مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي اڄ ٿيندڙ 280 هين عرس مبارڪ لاءِ انتظام مڪمل ٿي ويا، سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري مزار تي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جو افتتاح ڪندو، پڄاڻي واري تقريبن ۾ سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر شرڪت ڪندو، ڪورونا وبا ۽ ٻوڏ سبب ٽن سالن جي وقفي کانپوءِ عرس مبارڪ جون تقريبون ڀٽ جي نگريءَ ۾ منعقد ٿي رهيون آهن جنهن لاءِ سرڪاري توڙي غير سرڪاري سطح تي ڀٽ نگريءَ کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي، سنڌ جي ثقافت کاتي، ضلعي انتظاميه مٽياري، پوليس، صحت، اوقاف ۽ بلدياتي ادارن پاران لطيف جي پانڌيئڙن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد جواد مظفر سمورن کاتن کي لطيف جي پانڌيئڙن کي پيئڻ جو صاف پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ طبي سهولتون ڏيڻ توڙي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ رابطي جون هدايتون جاري ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر هالا ڊاڪٽر مظاهر علي کي عرس مبارڪ لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون منظور لغاري پڻ ڀٽ شاهه ۾ عرس مبارڪ جي انتظامن جي نگراني ڪندو، هن سال عرس مبارڪ دوران دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ رهندڙ لطيف جي شاعري ۽ پيغام سان چاهه رکندڙ عام ماڻهن، شاگردن ۽ لطيف سائين تي تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ خصوصي طور تي جوڙيل آن لائين ڀٽائي پيڊيا جي مهورت ڪئي ويندي جنهن بابت آن لائين ڀٽائي پيڊيا سافٽ ويئر ٺاهيندڙ ناليوارو محقق عبدالماجد ڀرڳڙي تفصيلي بريفنگ ڏيندو. آن لائين ڀٽائي پيڊيا ذريعي شاهه لطيف جي رسالي گنج کان ويندي سڀني معتبر، محققن ۽ شاعرن جا ترتيب ڏنل رسالا ٽيڪسٽ جي شڪل ۾ آن لائين رکيا ويا آهن، ان کان سواءِ اردو، پنجابي، فارسي، انگريزي ۾ مختلف ترجمي نگارن جا ترجما هر بيت سان گڏ موجود آهن.
Previous Articleسنڌ ۾ شاگردن کي جسماني سزائو ڏيڻ تي پابندي لاڳو
Next Article نگران وزيرِ اعظم بجلي جي بلن ۾ واڌ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو