لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي بابت غير ضروري درخواست تي نيب تي ٻه لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ فيصلو ٻڌائيندي نيب جي درخواست غير ضروري قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏي.
عدالت چيو ته نيب جي درخواست عدالت جو وقت ضايع ڪرڻ جي برابر آهي.
نيب پنهنجي درخواست ۾ پرويز الاهي کي نيب انڪوائري جو رڪارڊ ڏيڻ جي احتساب عدالت جي فيصلي کي چئلينج ڪيو هو.
احتساب عدالت پرويز الاهي کي ترقياتي منصوبن جي ريفرنس جي انڪوائري جو رڪارڊ ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.