حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي قومپرستن سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪينال ٺاهڻ خلاف 3 نومبر تي ڪراچي پريس ڪلب سامهون علامتي بک هڙتال جو اعلان ڪندي سنڌو مان 6 نوان ڪينال ٺاهڻ وفاق ۽ پ پ سرڪار جي ڳٺ جوڙ قرار ڏيندي ڊگهي جدوجهد جو وچن ڪيو آهي. اهڙو اعلان هنن جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل “پاڻي ڪانفرنس” دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن ڪانفرنس ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين رياض چانڊيو، ايس يو پي جي روشن ٻرڙو، جسقم جو ڊاڪٽر نيازڪالاڻي، جسقم ديدار شام، ايس ٽي پي اڳواڻ جان محمد جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پاڻي ڪانفرنس جي ميزبان ڪندڙ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زنئور خطاب ڪندي چيو ته پنجاب سدائين سنڌ جي پاڻي ۽ سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا هنيا آھن، اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. هن چيو ته سنڌو مٿان 6 نوان ڪينال ٺاھڻ جو مطلب سنڌ کي برباد ۽ پنجاب کي آباد ڪرڻ آھي. هن چيو ته اهڙي سازش پٺيان پيپلز پارٽي به پنجاب سان گڏ بيٺل آھي، جڏهن ته پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام سامهون 6 نوان ڪينال رد ڪرڻ جون ڪوڙيون دعوائون ڪري رهي آھي. هن چيو ته وقت اچو ويو آھي ته سنڌ دوست ڌريون گڏ ٿي سنڌو درياهه کي بچائين ۽ پنهنجو جياپو قائم رکن. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته پيپلز پارٽي ووٽ سنڌين کان وٺي اقتدار ۾ اچي ٿي پر پ پ شروع کان وٺي ئي پنجاب جي ساٿاري رهي آھي، پ پ هر دور ۾ سنڌ جو سودو ڪيو آھي. هه چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي حاڪم زرداري جي پٽ، پوٽي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏوهٽي بلاول سنڌ وڪڻي آھي. هن چيو ته پنجاب دليل جي ٻولي ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناھي، پنجاب دڙڪي، ڌمڪي ۽ گارگند تي لهي اچي ٿو، جنهن جو سبب هن وٽ پسٽول آھي، تنهن ڪري سنڌ جون سموريون قومپرست جماعتون ۽ اتحاد پاڻي مسئلي تي هڪ پليٽ فارم تان سگهارو آواز اٿارين. هن چيو ته 6 ڪينال سنڌ جي 6 ڪروڙ عوام جي موت جو پروانو آھن، جڏهن ته پنجاب جي 13 ڪروڙ ماڻھن جي خوشحالي ٿيندي. جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جو موت ۽ جياپو آهي، پنجاب سدائين سنڌ کي سڪائڻ ۽ پنهنجون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مٿان نوان ڊيم ۽ ڪينال ٺاهڻ جا منصوبا جوڙي سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جون سازشون ڪندو رهيو آهي، پر سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم ۽ ڪينال قبول نه ڪندا، سنڌ جي ماڻهن پنجاب جي ناپاڪ ارادن کي اڳ ۾ رد ڪيو آهي ۽ هاڻي به جدوجهد ذريعي ئي سنڌو درياهه کي بچائڻو پوندو. جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ سورهيه سنڌي چيو ته پنجاب پنهنجا ڊيم وڪرو ڪري تربيلا ۽ منگلا ڊيم تعمير ڪرايا، جنهن بعد سنڌو جو پاڻي روڪڻ شروع ڪيو ويو. هن چيو ته ڪنهن به درياهه تي حق پڇڙي وارن جو پهريان هوندو آھي، پر پنجاب طاقت جي زور تي سنڌ جي پاڻي تي قابض آھي. هن چيو ته دنيا جو سڀ کان وڏو درياهه، درياهه نيل ڪيترن ئي ملڪن مان گذري مصر پهچي ٿو پر ان مٿان ڪو به ڊيم نٿو ٺاهي سگهي، اسان وٽ ائين ناهي. ايس يو پي جي اڳواڻ روشن ٻرڙو چيو ته پنجاب جي ڪنهن به سنڌ دشمن منصوبي کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. پ پ سدائين سنڌ جي حقن تي سوديبازي ڪئي آهي، پر هاڻ پ پ کي به سنڌ جي ڪنهن حق جو سودو ڪرڻ نه ڏنو ويندو، اسين جدوجهد جي ميدان تي لٿل آهيون، گڏيل جدوجهد ذريعي نوان ڪينالن وارو منصوبو رد ڪرايو ويندو. ڪانفرنس کي جسقم اڳواڻ ديدار شام، ايس ٽي پي اڳواڻ جان محمد جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.