شڪارپور (رپوٽ: سميرا ڀٽي)
قومي عوامي تحريڪ شڪارپور پاران شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامنيءَ، سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري، وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، پاڻي ۽ وسيلن تي ڌاڙي خلاف خانپور کان شڪارپور پريس ڪلب تائين 18 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪندا رھيا پيادل مارچ جون وک وک تي گلن جي ورکا پي ڊي ايم ۽ سنڌ حڪومت ھٿ وٺي بحران پيدا ڪيو آھي. ايڊووڪيٽ آغا فھد خان
تفصيل موجب
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي خانپور کان پريس ڪلب شڪارپور تائين ايڊووڪيٽ آغا فھد خان، سيد واجد علي شاھ، نھال خان ڀنڀرو، ظفر علي چنه ۽ امداد سومرو جي اڳواڻي ۾ 18 ڪلو ميٽر پيادل مارچ خانپور کان ٿيندو حاجي خواستي ڳوٺ, ڪندن باء پاس, نم کبڙ موڙ, رستم چوڪ, جھاز چوڪ، شھدا ٽاور کان ٿيندو پريس ڪلب شڪارپور تي پھتو جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ ھڪ سازش ۽ مھادي تحت پاڪستان پيپلز پارٽي ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي آھي ۽ ملڪ دشمن ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ خطرناڪ راند کيڏي رھي آھي جنھن کي قومي عوامي تحريڪ رد ڪري ٿي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ڪري غريب عوام کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي غريب ماروئڙا پنھنجا ٻچا ووڪڻ تي مجبور ٿي ويا آھن اڳواڻن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته شڪارپور ضلعو بدامني جي باھ ۾ سڙي رھيو آھي شڪارپور جا سمورا ايندڙ ويندڙ رستا ڏوھارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيل آھن ھر روز ڏوھارين شھرين کي گولين جو کاڄ بڻائي اغوا به ڪن ٿا ۽ ڦرلٽ به جاري آھي سج لھڻ کان پوءِ شھرين گھرن تائين محدود ٿي ويا آھن اڳواڻن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي شڪارپور فيضان علي مڪمل طور تي ڏوھارين اڳيان بيوس بڻجي ويو آھي اڳواڻن سخت ردعمل ڏيندي چيو ته ٻئي طرف سنڌو درياء جو رُک موڙي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ھنن مطالبو ڪيو تہ سنڌ سان ويساھ گھاتيون بند ڪري ڊجيٽل آدمشماري ختم ڪري، وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب عوام کي رليف ڏنو وڃي، شڪارپور ضلعي ۾ شھرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا ھڻڻ بند ڪيا وڃن
پيادل مارچ ۾ وک وک تي گلن جي ورکا ڪري آجيان ڪئي وئي ان موقعي تي شڪارپور بچايو تحريڪ جو جنرل سيڪريٽري عبدالوهاب ڪاغذي، اسد الله سومرو، ميان ظفر علوي، نالي وارو مزاحمتي ليکڪ ھمير چانڊيو، ڊاڪٽر عامر عباس سومرو، آغا قربان خان، زاھد گھلو، زاھد ڀنڀرو، خان محمد ڏيئو، شاھنواز ابڙو، زبير ڀنڀرو ، ضمير گھانگھرو، آصف علي شاھ، رضا آگاڻي، عامر بابلاڻي سميت سوين شھرين شرڪت ڪئي.