ڪراچي ( رپورٽر) پيپلز پارٽي عورت شعبي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر سان پارٽي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان، صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ۽ ايم پي اي علي حسن هنڱورو ملاقات ڪئي. مخدوم جميل الزمان، مخدوم محبوب الزمان ۽ علي حسن هنڱورو فريال ٽالپر کي عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ گلدستا پيش ڪيا.زرداري هائوس ڪراچي ۾ ٿيل ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ مٽياري ضلعي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
گرفتار نه ٿيو هيس، ايجنسين وارن گهرايو هو: ممتاز شاهه
مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي) مٽياري ضلعي جي بااثر سياسي شخصيت پيپلزپارٽي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جي ڪوآرڊينيٽر سيد ممتاز شاهه سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مونکي مخدوم هائوس ڊفينس ڪراچي واري علائقي مان پوليس گرفتار نه ڪيو هو، اها دشمنن جي ڪوڙي بيان بازي آهي، جيڪي مونکي ناڪام ڪرڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪندا رهندا آهن، هن چيو ته مونکي گرفتار نه ڪيو ويو هو، آءِ ايس آءِ سميت ايجنسين وارن مونکي گهرايو هو، جن پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد ڇڏي ڏنو، سوشل ميڊيا تي ڏنل اهڙي بيان جي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي سيد ممتاز شاهه تصديق ڪئي ته مونکي ايجنسين گهرايو هو جن ڪجهه پڇا ڳاڇا ڪئي پوءِ ڇڏي ڏنو باقي منهنجا مخالف منهنجي گرفتاري تي اجايو دهل وڄائي رهيا آهن، ياد رهي ته گذريل ڏينهن سيد ممتاز علي شاھ جي گرفتاري جي تصديق سندس ڀاءُ ۽ ٻين ئي ڪئي هئي ته کيس ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو آهي.