ڪراچي ( رپورٽر ) مشهور اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ پاران عورتن لاءِ استعمال ڪيل لفظن تي ڪيترين ئي شوبز شخصيتن حيرانگي جو اظهار ڪندي اسلام جي مذهب ۾ مرد کي هڪ کان وڌيڪ شادين جي اجازت ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي.اسلامي عالم ۽ مبلغ هڪ مرد لاءِ هڪ کان وڌيڪ شادين جي اجازت تي بحث ڪندي هڪ جاءِ تي عورتن لاءِ ’بازاري ‘ ۽ ’پبلڪ پراپرٽي‘ جا لفظ استعمال ڪيا. گلوڪار علي ظفر، اداڪارا عفت عمر، ڪاميڊين شفاعت علي ۽ ٽي وي ميزبان ابسا ڪومل به ذاڪر نائيڪ پاران عورتن لاءِ بازاري ۽ پبلڪ پراپرٽي لفظ استعمال ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو ته اسلامي عالم کي اهڙا لفظ استعمال نه ڪرڻ گهرجن ها.