اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بجلي جي واڌو بلن خلاف احتجاج ٿي رهيو آهي پر عوام لاءِ بُري خبر اها آهي ته بجلي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو آهي.
سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي آءِ) بجلي جي قيمت ۾ ٻه رپيا 7 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي آهي، جنهن جي نيپرا ۾ سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي.
سي پي پي آءِ جولاءِ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهه ۾ واڌ جي درخواست ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نيپرا سي پي پي آءِ جي درخواست منظور ڪئي ته ان سان واهپيدارن تي 35 ارب رپين جو بار منتقل ٿيندو.