ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ عمري جي بهاني پينو فقيرن کي سعودي عرب موڪلڻ واري ڪيس ۾ ايف آءِ اي ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
ملتان جي ٽريول ايجنٽ سندس خلاف ڪراچي ۾ داخل ٿيل ڪيس ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي.
ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته درخواستگذار تي ڪهڙو الزام آهي؟
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ايف آءِ اي طرفان ٽريول ايجنٽ محمد عطاءَ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
وڪيل چيو ته ايف آءِ اي الزام هنيو آهي ته ڪجهه ماڻهو عمري لاءِ نه پر پنڻ لاءِ سعودي عرب موڪليا ويا آهن.
وڪيل چيو ته ايف آءِ اي طرفان ڄاڻايل ٽريول ايجنٽ کي پنجن پينو فقيرن کي ويزا ڏيڻ جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.
وڪيل چيو ته محمد عطاءَ ٽريول ايجنٽ آهي هن جي ذميواري ٽڪيٽ ڏيارڻ آهي پر ويزا وٺڻ ٽريول ايجنٽ جي ذميواري ناهي.
وڪيل جو چوڻ هو ته درخواستگذار خلاف پينو فقيرن کي سعودي عرب موڪلڻ جي الزام ۾ ملتان ۾ 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
هن چيو ته ملتان ۾ داخل ٻنهي ڪيسن مان محمد عطا کي بري ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ داخل ڪيس کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ايف آءِ اي ۽ ٻين واسطيدارن ڌرين کي نوٽيس جاري ڇڏيا.
عمري جي بهاني پينو فقيرن کي سعودي عرب موڪلڻ وارو مامرو، عدالت مان اهم خبر اچي وئي
Previous Articleجيڪب آباد ۾ عورت پوليو ورڪر سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي
Next Article سون جي اگهه ۾ لاٿ