اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن اٽارني جنرل طرفان سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين کي جيل ۾ ڏني ويندڙ سهولتن بابت جمع ڪرايل رپورٽ جو عڪس سامهون اچي ويو.
رپورٽ ۾ ٻين تفصيلن سان گڏ اهو به ٻڌايو ويو ته عمران خان جيل ۾ ديسي گيهه ۾ پڪل ڪڪڙ ۽ ٻاڪرو گوشت کائيندو آهي، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مختلف تبصرا به سامهون آيا.
رپورٽ ۾ سامهون ايندڙ عڪس موجب عمران خان هفتي جي ستين ڏينهن نيرن ۾ بريڊ، آمليٽ، ڏهي ۽ چانهه وٺندو آهي.
سندس ٻي پهري جو کاڌو موسمي سبزي يا دال، ماني، سلاد ۽ ڏهي تي ٻڌل هوندو آهي، رات جي کاڌي ۾ هو دال چانور، ڏهي ۽ سلاد کائيندو آهي، ان کانسواءِ موسمي ميوا به سندس روز جي غذا ۾ شامل آهن.
رپورٽ ۾ اهو به واضح آهي ته عمران خان جي ڊمانڊ تي کيس هفتي ۾ ٻه ڀيرا ديسي ڪڪڙ ۽ هڪ ڀيرو ٻاڪرو گوشت ديسي گيهه ۾ پچائي ڏنو ويندو آهي.
هوڏانهن ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق جيل ۾ عمران خان کي ملندڙ کاڌن تي تبصرو ڪيو ته سزا يافته نه هجڻ باوجود جيل ۾ مون کي اهڙو ڪجهه نه ملندو هو.