جميڪا (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم کان پري آل رائونڊر عماد وسيم ۽ پي سي بي جي اڳوڻي مئنيجمينٽ سان مبينا اڻوڻندڙ ورتاءُ سبب وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺندڙ محمد عامر ڪيريبئن پريميئر ليگ ۾ ڇائنجي ويا آهن.
عماد وسيم ۽ محمد عامر ڪيربيئن پريميئر ليگ ۾ جميڪا ٿلاواز جي نمائندگي ڪري رهيا آهن ۽ هنيئر تائين پنهنجي ڪارڪردگي سان ٽيم جميڪا ٽاپ فور ۾ پهچائي چڪا آهن.
سي پي ايل جي ٽاپ ٿري ۾ آل رائونڊر عماد وسيم سرفهرست آهي جنهن 13 وڪيٽن سان گڏوگڏ پنهنجي بيٽ سان 255 رنسون به ٺاهيون آهن.
ٽاپ فائيو بالرن ۾ ويسٽ انڊين بالر جيسن هولڊر 16 وڪيٽن سان پهرين نمبر تي پر محمد عامر رڳو هڪ وڪيٽ جي فرق سان 15 وڪيٽن سان ٻي پوزيشن تي موجود آهي، جڏهن ته عماد وسيم 13 وڪيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي.
ايشيا ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي بدترين ناڪامي خاص ڪري ڀارت خلاف بالرن جي شرم جوڳي ڪارڪردگي سميت سموري ايونٽ ۾ اسپنرن جي آئوٽ آف فارم هئڻ سبب ايندڙ مهيني ڀارت ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم ۾ محمد عامر ۽ عماد وسيم کي شامل ڪرڻ جو مطالبو زور وٺي رهيو آهي.