حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ ڪارونجهر جبل جي حد مان سمورا قبضا هٽائڻ ۽ سموريون ليزون رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشد حسين ڪئي.
سپريم ڪورٽ جي وڪيل سجاد چانڊيو، عشرت لوهار ۽ شنڪر ميگهواڙ دليل ڏنا.
عدالت چيو ته ڪارونجهر صديون پراڻو تاريخي جبل آهي جنهن جي بار بار نيلامي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڏوھه ڪيو پيو وڃي. ڪارونجھر جبل جي آخري پٿر کان 2 ڪلوميٽر پري تائين ڪو به جبل کي ڪٽيندڙ ماڻھو يا ڪمپني نظر نه اچي.
عدالت رمارڪس ڏنا ته شرم اچڻ گھرجي دنيا ۾ مڃتا رکندڙ ۽ ورلڊ ھيريٽيج سائيٽ جھڙي تاريخي ماڳ جي کوٽائي ۽ ڪٽائي جي ليز ڪئي وئي آھي، انھن تي ڪيس داخل ٿيڻ گھرجي ھا.
عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توھان لکت ۾ ليز ڪينسل ڪئي آھي؟
جنهن تي سرڪاري وڪيل جواب ڏنو ته اسان وٽ اھڙو ڪو ليٽر ناھي رڳو پبلڪ نوٽيس ڪڍيو ويو ته اسان نيلامي ڪينسل ٿا ڪريون.
عدالت حڪم ڏيندي چيو ته اسان توھان کي 12 ڪلاڪ جو ٽائيم ڏيون ٿا، ليزن کي ڪينسل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن عدالت ۾ جمع ڪرايو نه ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، 24 ڪلاڪن ۾ سمورن پٿر ڪٽڻ ۽ کوٽائي ڪرڻ وارن کي ڊپٽي ڪمشنر گھر ڀيڙو ڪري.
عدالت لاڳاپيل آفيسرن ۽ ڊي سي ٿرپارڪر کي سڀاڻي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.
عدالت جو ڪارونجهر جي حدن مان سمورا قبضا هٽائڻ ۽ ليزون رد ڪرڻ جو حڪم
Previous Articleدادو ناڻي کاتي جا ڪامورا اربين رپيا ڦٻائي ويا