ملير() ايڊمنسٽريٽر ضلعي ڪائونسل ڪراچي نور حسن جوکيو چيو ته اسان هميشه پنهنجي حدن ۾ رهندڙ عوام کي هر سطح تي رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان لاءِ اسان هر مهيني کاتي جي سربراهن جو اجلاس گهرائي انهن جي ڪارڪردگي کي جانچينداسين ته ڪٿي ڪٿي ڪا غلطي نظر اچي جنهن کي درست ڪيو وڃي ان سان گڏ معززين ۽ مقامي قيادت سان ملاقاتن جو سلسلو به جاري آهي، جنهن ذريعي اصل تڪڙا مسئلا معلوم ٿين ٿا، ان طريقي سان اسان جي معاملن ۾ شفافيت اچي ٿي، جيڪا اسان جي سڃاڻپ بڻجي وئي آهي،. ان سلسلي ۾ صفائي سٿرائي جو کاتو ۽ ايم اينڊ اي مثالي ڪم ڪري رهيا آهن، مون کي يقين آهي ته اسان خدمت جي عظيم روايت کي برقرار رکنداسين، ان موقعي تي چيف آفيسر اياز حميدالله بلوچ، ڊائريڪٽر ايڊمن جلال حنيف، ڊائريڪٽر سينيٽيشن مشتاق مٽو، پي ايس فدا جوکيو، پيپلزپارٽي جا مقامي اڳواڻ آغا صاحب، رضا جتوئي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ايندڙ وفد ايڊمنسٽريٽر کي پنهنجن علائقي جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ساراهه ڪئي، ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر وڌيڪ چيو ته عوام کي ان جي دوري تي رليف فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ذميواري آهي، جنهن تي 100 سيڪڙو عمل ڪيو پيو وڃي، مان ڪائونسل جو دورو ڪري رهيو آهيان ۽ نتيجن کي خوش آمديد سمجهان ٿو، ان کي نظر ۾ رکندي نئون ترقياتي پلان تيار ڪيو پيو وڃي.