نيوسعيداباد کان رپوٽ مقبول ٻلال
ضلعي مٽياري جنهن ۾ ڀٽ شاه کنڊو هالا نيوسعيدآباد بکرجمالي ڀاڻوٺ پوٽوڳاهوٺي ماڙي محمدخان ۽ ڀرپاسي ۾ رمضان المبارڪ جي بابرڪت ۽ ڀلاري مهيني ۾ منشيات ۽ جوا سرعام هلڻ لڳا
تفصيل موجب بکر جمالي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ منشيات به سرعام وڪرو ٿيڻ لڳو،ڳوٺن جي گهٽين گهٽين ۾ روڊن تي سرعام ڪئبنن ۽ دڪانن تي منشيات آساني سان وڪرو ٿيڻ لڳي ايتري قدر جو گهرن اندر اسٽاڪ ٿيڻ لڳي،اتان ڳوٺ ڳوٺ وڃي سرعام آساني ڊيليورڊ ٿيڻ لڳي آھي،منشيات سان گڏ مٽياري جي هر تعلقي سميت ڪافي ڳوٺن اندر سنوڪر گيمن تي جوا پڻ هلي ٿي جنهن ۾ اسڪول ويندڙ نابالغ ٻارڙا پنهنجي خرچي سان گڏ وقت جو زيان ڪن ٿا،رمضان الڪريم جي هن بابرڪت ۽ ڀلاري مهيني جو به ڪنهن کي احترام ناھي،مٽياري ضلعي جي ساڃھ وندن آء جي سنڌ،ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته پوري مٽياري ضلعي ۽ ڀرپاسي مان منشيات ۽ جوا جو آزار ختم ڪرائي مستقبل جي معمارن بابت بهترين فيصلو ڪري منشيات ۽ جوا کان مٽياري جي تعلقن توڙي ڳوٺن کي پاڪ ڪي