اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وزارت چيو آهي ته صدر کي نئين آئيني ترميم کانپوءِ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار ناهي.
صدر عارف علوي عام چونڊن جي تاريخ جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن طرفان مشاورت کان انڪار تي قانون واري وزارت کان راءِ گهري هئي، جنهن تي وزارت طرفان صدر کي جوابي خط لکيو ويو آهي.
ذريعن موجب قانون واري وزارت پنهنجي جوابي خط ۾ چيو آهي ته اڳوڻي پارليامينٽ طرفان ڪيل نئين آئيني ترميم کانپوءِ هاڻ صدر وٽ اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار ناهي، ان ترميم تحت چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار هاڻ اليڪشن ڪميشن وٽ آهي.
واضح رهي ته صدر عارف علوي اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ عام چونڊون مقرر آئيني مدي 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ لاءِ گذريل هفتي اليڪشن ڪميشن کي مشاورت جي دعوت ڏني هئي پر چيف اليڪشن ڪمشنر مشاورت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.