لاهور (عوامي آواز نيوز) صدر عارف علوي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري استعيفا ڏئي گهر هليو ويندو.
نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ 5 ڏينهن اڳ آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ايوان صدر م صدر علوي سان ملاقات ٿي هئي جنهن کانپوءِ چيو وڃي پيو ته صدر علوي کي چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ تي راضي ڪيو ويو آهي.
ان هوندي به ان ملاقات کانپوءِ ايوان صدر ۾ پر اسرار خاموشي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي، ان حوالي سان 48 ڪلاڪ اهم آهن، ڇو ته تازو پاڪستان بار ڪائونسل صدر علوي کي هشي ڏني آهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ سندس آئيني حق آهي ان کانپوءِ صدر علوي ٻڏتر جو شڪار آهي.
ڪجهه سياسي تجزئي نگارن جو خيال آهي ته صدر علوي جو اهڙي پارٽيءَ سان تعلق آهي جنهن جو مقصد هر صورت ۾ غير يقيني صورتحال کي هٿي ڏيڻ آهي. مٿان وري ڪارن ڪوٽن جي حمايت به صدر عليو کي ملي وئي آهي.
ان ڪري اهو امڪان آهي ته صدر علوي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري عهدي تان استعيفا ڏئي گهر هليو وڃي ڇو ته سڀاڻي سندس آئيني مدت پوري ٿي رهي آهي ان حوالي سان ايندڙ 48 ڪلاڪ اهم قرار ڏنا پيا وڃن.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 7 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي