شڪارپور (رپوٽ: سميرا ڀٽي)
شڪارپور پوليس ۾ ڪارين رڊن خلاف ايس ايس پي شڪارپور جي وڏي ڪاروائي
12 پوليس اهلڪارن جون نوڪريون چٽ آفيسرن سميت 16 ڄڻن جي ٻه ٻه سال سروس ماري وئي
تفصيل موجب .
ايس ايس پي شڪارپور رٽائرڊ ڪيپٽن فيضان علي ڏوهارين سان واسطا رکڻ جي ڏوھ ۾ اي ايس آء هدايت الله نندواڻي, اي ايس آء وڪيل جعفري هيڊ ڪانسٽيبل عالم ڪرسي هيڊ ڪانسٽيبل محمد خان مهر ۽ پوليس ڪانسٽيبل علي حسن جتوئي جي 2 . 2 سال سروس ماري ڇڏي آهي
جڏهن ته سماجي برائين, آڪڙا پرچي, منشيات ۽ جوا جي سرگرمين ۾ ملوث هئڻ ڪري ٻارهن پوليس ڪانسٽيبلز امان الله لاشاري،امداد علي جعفري، اطهر علي جکرو،
حفيظ الله لاشاري، نثار لاشاري،عرفان شيخ،شاھ نواز ٽانوري، عبدالغفور ناپر، پرويز علي جعفري،
فاروق احمد پٺاڻ، سيف الله ڪوريجو ۽ ضمير شاھ کي نوڪرين مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي لڳ ڀڳ ساڳين ئي الزامن هيٺ 1 اي ايس آء 3 هيڊ ڪانسٽيبلز سميت 7 پوليس ڪانسٽيبلز
امتياز سڌايو، امداد علي بروهي، منٺار علي گوپانگ، پنهل خان ڀيو، شوڪت علي جتوئي
مقصود علي سنجراڻي، نورنبي پٺاڻ، نويد علي بروهي، گل شير شر،
آصف علي قمبراڻي، محمد اصحاق ميراڻي
جي پڻ ٻه ٻه سال نوڪري چٽ ڪئي وئي آهي
ايس ايس پي شڪارپور رٽائرڊ ڪيپٽن فيضان علي کي عوامي شڪايتون مليون هيون جن جي ايس ايس پي شڪارپور اي ايس پي سٽي سيد فاضل شاه کان جانچ ڪرائي هئي اُن جانچ ۾ مٿي ڄاڻايل آفيسر توڙي پوليس ڪانسٽيبلز ڏوهي ثابت ٿيا جنهن جي آڌار تي کين ايس ايس پي شڪارپور مٿي بيان ڪيل سزائون ڏنيون آهن
شڪارپور پوليس ۾ ڪارين رڊن خلاف ايس ايس پي شڪارپور جي وڏي ڪاروائي
Previous Articleايس ايڇ او محرابپور مٿان فائرنگ….