شڪارپور (رپوٽ: سميرا ڀٽي)
شڪارپور سکر هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ڊويزن جي بينچ جسٽس صلاع الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو جي عدالت ۾ محمد عمر جيهو جي پٽيشن تي مدئجي، خانپو، شڪارپور، ڳڙھي ياسي سميت سموري سنڌ اندر صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ار او پلانٽ نه هجڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ڪيس ۾ وڪيل ايڊوڪيٽ سيد در محمد شاھ پٽيشن دائر ڪندي چيو ته پوري سنڌ سميت مدئجي شهر جي جهر جو پاڻي خراب ٿي چڪو آهي اڪثر شهرن ۾ ار او پلانٽ نه هجڻ ۽ مدئجي شهر ڀرسان گذرندڙ سم نالن جي کاٺي نه ٿيڻ بابت ڪيس فائل ڪيو ويو. ايڊوڪيٽ در محمد شاھ جو چوڻ آهي ته پوري سنڌ ۽ خاص طور تي مدئجي ۾ صاف پاڻي ڪو نه ملي رهيو آهي، ماڻهن کي صاف پاڻي جي فراهمي نه ٿي رهي آهي جنهن تي جسٽس صلاع الدين پنهور طرفان ڊي سي شڪارپور ۽ سوشل ويلفيئر. ايريگيشن توڙي ڊوپلمينٽ ڏپارٽمينٽ کي نوٽيس جاري ڪيا آهن ته انهن ڪيئن ڊولپمينٽ جا ڪم ڪرايا آهن انهن جو رڪارڊ پڻ طلب ڪيو آهي. مدئجي شهر ۾ 5 ار او پلانٽ جي منظوري لاء پڻ درخواست پڻ ڏني آهي.
Previous Articleسرڪاري گورنمنٽ گرلز اسڪول جي عمارت مڪمل زبون حال بڻجي وئي