شڪارپور (رپورٽ: سميرا ڀٽي)
شڪارپور جو امن امان تباھ، ڦريون، ڌاڙا، چوريون، قتل روز جڳ معمول بڻيل پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو
شڪارپور ويجھو لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران مزدا ڊرائيور جيڪب آباد واسي نعمت الله بروهي مزاحمت ڪندي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل، پوليس لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏھن ڪلينڊر زخمي ٿي پيو.
جوڏانھن بروهي برادري طرفان لاش رکي سکر شڪارپور روڊ بلاڪ ڪري، ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪندي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
ٻئي طرف ڊي ايس پي لکي غلام شاھ ٿاڻي پوليس ساڻ ڪري مظاهرين وٽ ڳالھين لاءِ پھتو.
بروهي برادري جي مظاهرين ڊي ايس پي لکي غلام شاھ آڏو هڪ ئي مطالبو رکيو جيسيتائين قاتل گرفتار نٿا ٿين ان وقت تائين روڊ نه کولينداسين.
جڏھن ته ڊي ايس پي سندن کان ڪجھ ڏينھن جي محلت وڏي روڊ کولرايو.
جڏھن ته مظاهري دوران چئني صوبن ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل رهي هئي.